سکر(رپورٽ:آزاد مهر) سول اسپتال سکر ۾ قائم جيل وارڊ ۾ علاج لاءِ زخمي ڏوهاري خير محمد تيغاڻي قيدي سان ملاقات لاءِ آيل هٿياربندن پوليس اهلڪار کي تشدد جو نشانو بنائڻ بعد خطرناڪ قيدي خيرمحمد تيغاڻي کي جيل وارڊ مان ڀڄائي فرار ٿي ويا، ان ڏس ۾ ذريعن موجب ته ڊيوٽي تي مقرر ٽن اهلڪارن مان ٻه اهلڪار جمعي نماز تي ويا ته جوابدارن هڪ اهلڪار کي يرغمال بڻائي قيدي سميت فرار ٿي ويا واقعي جو اطلاع ملڻ تي حد ٿاڻي سي سيڪشن جو ايس ايڇ او پهچي واقعي جي جاچ سميت فرار ٿيل قيدي جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي، جڏهن ته قيدي جي فرار ٿيڻ بعد ايس ايس پي شڪارپور ۽ ايس ايس پي سکر پاران جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي جڏهن ته فرار ٿيل ڌاڙيل پاران پڻ ڪچي مان سوشل ميڊيا تي ويڊيو پڻ وائرل ڪئي وئي آهي، هوڏانهن ايس ايس پي سکر امجد شيخ پاران واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊيوٽي ۾ غفلط تي ٽنهي پوليس اهلڪارن کي لاڪپ حوالي ڪيو ويو آهي.