ڪراچي ۾ حادثن ۽ واقعن دوران هڪ ڄڻو قتل، 6 ڄڻا فوت

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڌار ڌار  حادثن ۽ واقعن ۾ ھڪ ڄڻو قتل، 6 ڄڻا فوت جڏهن ته  5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. شاھ لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد کوھي ڳوٺ ڀرسان جھيڙي جي دوران ڏنڍن جي وار سان 32 سالن جو نامعلوم نوجوان قتل ٿي ويو. صفوران چورنگي جي ڀرسان واٽر ٽينڪر ۾ 2 ڄڻا شڪيل احمد ولد منير حسين ۽ اسلم فوت ٿي ويا. فوت ٿي ويلن جا لاش ڪارروائي جي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو. پريڊي ٿاڻي جي علائقي صدر ريگل چوڪ جي ڀرسان 30 سالن جي نامعلوم شخص جو لاش مليو. بلوچ ڪالوني فائن ھائوس جي ڀرسان روڊ حادثي ۾ شاھ مير ولد سھيل فوت ٿي ويو. ڪراچي کان حيدر آباد ويندي انصارص پل تاج پمپ جي ڀرسان روڊ حادثي ۾ 50 سالن جو نامعلوم شخص فوت ٿي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.