ملڪ ۾ ووٽرن جو انگ 13 ڪروڙ 4 لک 44 هزار کان وڌي ويو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سڄي ملڪ ۾ ووٽرن جو تعداد ڪيترو آهي؟ اليڪشن ڪميشن ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي،  سڄي ملڪ ۾ ووٽرن  جو انگ 13 ڪروڙ 4 لک 44 هزار کان وڌي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ ووٽرن جي تازي ڊيٽا جاري ڪري ڇڏي آهي،  جنهن موجب ملڪ ۾ ووٽرن جو ڪل انگ 13 ڪروڙ 4 لک 44 هزار 891 ٿي ويو آهي.اليڪشن ڪميشن جي انگن اکرن موجب ملڪ ۾ مرد ووٽرن جو انگ 7 ڪروڙ 1 لک 87 هزار 683 ۽ عورت ووٽرن جو انگ 6 ڪروڙ 2 لک 57 هزار 208 آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب اسلام آباد ۾ ڪل ووٽرن جو انگ 11 لک 12 هزار 744 آهي، اسلام آباد ۾ مرد ووٽرن جو انگ 5 لک 83 هزار 963 ۽ عورت ووٽرن جو انگ 5 لک 28 هزار 781 آهي. سنڌ ۾ ووٽرن جو انگ 2 ڪروڙ 73 لک 81 هزار 237 ٿي ويو آهي، صوبي ۾ مرد ووٽرن جو انگ 1 ڪروڙ 48 لک 8 هزار 772 ۽ عورت ووٽرن جو انگ 1 ڪروڙ 25 لک 72 هزار 465 آهي. اليڪشن ڪميشن موجب بلوچستان ۾ ڪل ووٽرن جو انگ 54 لک 50 هزار 572 آهي، بلوچستان ۾ مرد ووٽرن جو انگ 30  لک 56 هزار 775 ۽ عورت ووٽرن جو انگ 23 لک 93 هزار 797 آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ووٽرن جو انگ 2 ڪروڙ 22 لک 45 هزار 264 آهي، صوبي ۾ مرد ووٽرن جو انگ 1 ڪروڙ 21 لک 8 هزار 332 ۽ عورت ووٽرن جو انگ 1 ڪروڙ 1 لک 36 هزار 932 آهي.اليڪشن ڪميشن موجب پنجاب ۾ ووٽرن جو انگ 7 ڪروڙ 42 لک 55 هزار 74 آهي، صوبي ۾ مرد ووٽرن جو انگ 3 ڪروڙ 96 لک 29 هزار 841 ۽ عورت ووٽرن جو انگ 3 ڪروڙ 46 لک 25 هزار 233 آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.