ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو:صدر

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) گهرو وزير محسن نقوي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي آهي.ذريعن موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي  جي معاملن ۽ قومي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ذاتي اختلاف ڇڏي رڳو پاڪستان جو سوچڻ گهرجي. گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اتحاد ۽ يڪجهتي جي طاقت سان هر چئلينج کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.