ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شفيع صديقي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ايف بي ايريا بلاڪ 19 ۾جانورن جي پڙي جي ٺيڪيدار کي هراسان ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته ان درخواست تي ڪالهه چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني ميمبرن حڪم جاري ڪيو. ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته عدالت جانورن جي پڙي راند جي ميدان تان فوري هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جسٽس شفيع صديقي چيو ته جيڪڏهن عدالت فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي ته درخواست اڪلائي ڇڏيون ٿا. عدالت جانورن جي پڙي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي آهي. عدالت ڪي ايم سي کي جانورن جي پڙي جو اجازت نامو منسوخ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو. عدالت ڪي ايم سي ۽ ڊي سي سينٽرل کي افغان گرائونڊ کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو هو. عدالت ٺيڪيدار کي 7 ڏينهن اندر نيلامي واري رقم واپس ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.