مونس الاهي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمني چالان داخل

لاهور ( بيورو+م ڊ )  مونس الاهي خلاف گهيرو وڌيڪ سخت ٿيندو ويو،  ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ضمني چالان داخل ڪري ڇڏيو ،  وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مونس الاهي خلاف ضمني چالان داخل ڪري ڇڏيو آهي. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ لاهور جي ايف آءِ اي عدالت ۾ ضمني چالان داخل ڪيو ويو آهي.  ان کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي جي گهرواري تحريم الاهي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا هئا. ضمني چالان ۾ فراست علي چٺا هڪ ارب رپيا مونس الاهي جي ڪمپنين ۾ جمع ڪرايا.  واضح رهي ته مونس الاهي جا ريڊ وارنٽ انٽرپول کي پهريان ئي جاري ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.