ڪراچي مان رينجرز پاران ڀتاخوري ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي( رپورٽر ) پاڪستان رينجرز (سنڌ) ۽ پوليس ڳجهي اطلاع تي گڏيل ڪارروائي ڪندي ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون مان ڀتا خوري ۽ نوسربازي ۾ ملوث جوابدار نعمان عرف علي کي گرفتار ڪري ورتو. تفصيل موجب جوابدار نعمان عرف علي سرجاني ٽائون ۽ ڀرپاسي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جو نالو استعمال  ڪري ماڻهن کان ڀتا وصول ڪندو هو. گرفتار جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

  • ڪورنگي ويسٽ مان 2 منشيات وڪرو ڪندڙ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون تيزيءَ سان جاري آهي. ڪراچي اورنگي ويسٽ ۾ ايڪسائيز نارڪوٽيڪس ڪنٽرول ونگ ڪارروائي ڪندي ٻن منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن  جي سڃاڻپ  رمضان عرف رمضاني ۽ ثاقب جي نالن سان ٿي آهي. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان 11 سئو گرام ڪرسٽل هيروئن، 950 گرام هيروئن جو پائونڊر، 5 سئو گرام آئس هٿ ڪئي وئي آهي.

  • ٽيڪس ڏيندڙن جو انگ وڌائڻ اولين ترجيح آهي: شهباز شريف

اسلام آباد (م ڊ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي تي گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس لڳايو آهي. اسلام آباد ۾ ٽيڪس سڌارن، ڊجيٽلائيزيشن ۽ روينيو ۾ واڌ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي شهباز شريف چيو ته اشرافيه کي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته پهرين ترجيح ٽيڪس  جي شرح گهٽائڻ ۽ ٽيڪس ادا ڪندڙن جو تعداد وڌائڻ آهي. ٽيڪس ادا ڪرڻ جي اهل ماڻهن کي جلد کان جلد ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ موجوده پاليسين تي مڪمل عملدرآمد سان ملڪ جي آمدني ۾ اربين رپين جو اضافو ممڪن آهي. شهباز شريف چيو ته ايف بي آر ملڪي معيشت جو اهم ترين ستون آهي ۽ حڪومت انساني وسيلن جي ترقي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪندي.

  • ڊاڪٽر عذره پيچوهو جي ميڊيڪل يونيورسٽين جي پرو وائس چانسلر طور مقرري

ڪراچي (رپورٽر)صحت واري وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو کي سمورين ميڊيڪل يونيورسٽين جو پرو وائس چانسلر مقرر ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، وڏي وزير جي منظوري بعد صحت واري وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو کي سمورين ميڊيڪل يونيورسٽين جو پرو وائس چانسلر ۽ يونيورسٽيز  واري وزير محمد علي ملڪاڻي کي پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيز(ميڊيڪل يونيورسٽيز) لاءِ  پرو چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي.

  • مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيد پاران بجيٽ روايتي قرار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ايم ڪيو ايم جي علي خورشيدي سنڌ سرڪار جي بجيٽ کي روايتي بجيٽ قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ سرڪار پنهنجي بجيٽ پيش ڪئي آهي پرمخالف ڌر کان ڪي به تجويزون ئي  نه ورتيون آهن، بجيٽ اجلاس کانپوءِ ميڊياڪارنر تي ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت پري بجيٽ بحث ٿيڻ ئي  نه ڏنو آهي، اسان پنهنجون تجويزون حڪومت تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر  حڪومت سفارشن کي نه ٻڌو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم شهري سنڌ جي 80 سيڪڙو نمائندگي رکي ٿي، ان کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، وڏي وزير سيف سٽي پراجيڪٽ جوذڪر ڪيو پر  اهو منصوبو گذريل 12 سالن کان هلي پيو پر مڪمل ئي نه ٿوٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.