اسلام آباد (م ڊ): انٽرنيشنل ريٽنگ ايجنسي موڊيز چيو آهي ته پاڪستان جي بجيٽ آءِ ايم ايف سان قرض پروگرام تي ڳالهين ۾ مددگار ثابت ٿيندي. موڊيز چيو ته حڪومت جي اڌ کان وڌيڪ آمدني وياج ادا ڪرڻ تي خرچ ٿي ويندي. مهانگائي جي ڪري سماجي ڇڪتاڻ ٻيهر پئدا ٿي سگهي ٿي. موڊيز موجب مهانگائي سبب سڌارن جو پروگرام متاثر ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ترقي جو هدف 3.6 سيڪڙو مقرر ڪري آءِ ايم ايف کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته مالياتي بهتريءَ لاءِ ٽئڪس ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته حڪومت وٽ مضبوط چونڊ مينڊيٽ نه هجڻ سبب سڌارن تي عمل مشڪل ٿي سگهي ٿو. موڊيز موجب روينيو ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٽيڪسن ۾ واڌ جو سبب آهي، توانائي جي شعبي ۾ 1.4 ٽريلين روپين جي سبسڊي ظاهر ڪري ٿي ته ان شعبي ۾ سڌارا محدود آهن.