سنڌو نواز گهانگهرو جي گهر تي حملي خلاف ريلي، ڌرڻو

نوشھرو فيروز (رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو) يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين سنڌو نواز گانگھرو جي گھر تي حملي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڪنڊيارو پوليس خلاف سنڌو نواز گانگھرو ۽ رواداري تحريڪ جو اڳواڻ پنھل ساريو، حمز علي چانڊيو،جسقم اڳواڻ اياز علي راڄپر، واجد علي لاشاري، اسد عمراڻي، گلزار ڀنڀرو، محمد علي سومرو، سرمد آزاد ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ الله واري چونڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا ايس ايس پي آفيس اڳيان نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو ھڻي ويھي رھي، سنڌو نواز گانگھرو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس جو ڪردار ھاڻي تمام خراب ٿي چڪو آھي پوليس ڀوتارن جي ڪمداري پئي ڪري ڪوبه ڪم پوليس جي صلاح کان سواءِ نه ٿي ڪري، پنھل ساريو ۽ ٻين اڳواڻ چيو ته ھن پ پ وارن قانون جو ڌڄيون اڏاري ڇڏيون آھن ھاڻي جيڪو ڳالھائي ٿو ان کي پنھنجي پالتو ڪتن ۽ ڪمدار پوليس ھٿان ماريو وڃي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.