سنڌ جي بجيٽ مان سنڌ، عوام ۽ ادارن کي عملي طور فائدو ملڻ گهرجي

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سال 25-2024 جي صوبائي بجيٽ ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪئي آهي جيڪا مجموعي طور تي 3.056 ارب روپيا آهي. بجيٽ جي انگن اکرن ۾ وڃڻ کان اڳ اهو ڏسڻو آهي ته سنڌ حڪومت امن امان جي بهتري، تعليم، صحت، ٽرانسپورٽ، ترقياتي رٿائن، سرڪاري ملازمن جي پگهارن، آبپاشي کاتي ۽ زراعت کي بجيٽ ۾ ڪيتري اهميت ڏئي ٿي، هارين ۽ مزدورن لاءِ ڪيتري فنڊنگ ڪري ٿي.

اهي ڄاڻايل شعبا سڌوسنئون عوام سان تعلق رکن ٿا. يا اهڙا شعبا آهن جن تي خاص نظر رکيل هوندي آهي. سو هاڻي سنڌ حڪومت جي اوليت کي سمجهڻ لاءِ بجيٽ جي انگن اکرن جو جائزو وٺنداسين. پگهاردار طبقي خاص ڪري سرڪاري ملازمن جي ان حساب سان بجيٽ تي نظر هوندي آهي ته سندن پگهار ڪيتري وڌائي وڃي ٿي. سو هميشه وانگر پ پ جي صوبائي حڪومت هن ڀيري به وفاق کان وڌيڪ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو آهي.  مجموعي طور تي 22 کان 30 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. گريڊ 1 کان 6 تائين 30 سيڪڙو، گريڊ 6 کان 16 تائين 25 سيڪڙو ۽ 17 کان مٿي جي گريڊ لاءِ 22  سيڪڙو پگهارن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.  گهٽ ۾ گهٽ پگهار 37 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.  جيڪا خوش خبري چئبي. باقي ڏسڻو اهو آهي ته ٽيڪس ۾ سندن ڪيتري ڪٽوتي ٿئي ٿي.

سنڌ حڪومت يقينن بجيٽ جي معاملي ۾ تعليم ۽ صحت ڏانهن سٺو ڌيان رکندي آهي سو هن بجيٽ ۾ به سڀ کان وڌيڪ بجيٽ تعليم تي رکي وئي آهي جيڪا 519 ارب روپيا آهي. ايئن صحت لاءِ 334 ارب روپيا رکيا ويا آهن. تقرير ڪندي وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ جي بجيٽ ۾ تعليم ۽ صحت لاءِ اهم گرانٽس ذريعي سيڙپڪاري کي ترجيح ڏني وئي آهي. وڏي گرانٽس جي رقم 190 ارب روپيا بڻجي ٿي. گرانٽس جي مد ۾ 35 ارب روپيا سڄي سنڌ جي يونيورسٽين لاءِ مخص ڪيا ويا آهن. ان فنڊنگ جو مقصد تعليمي ادارن کي مضبوط ڪرڻ ۽ صحت جي معياري خدمت تائين رسائي کي بهتري بڻائڻ آهي.

سنڌ جو اهم مسئلو امن امان آهي. ان حوالي سان موجوده بجيٽ ۾ گهرو شعبي لاءِ 194 ارب روپيا  رکيا ويا آهن. ۽ پوليس ٿاڻن جي بهتري لاءِ 3.75 ارب ۽ هٿيارن جي خريداري لاءِ 1.8 ارب روپيا رکيا ويا آهن. سنڌ حڪومت جي اعلان موجب پوليس لاءِ 80 ڪروڙ روپين جا هن مالي سال هٿيار خريد ڪيا ويندا. پوليس فورس جي هيلٿ انشورس لاءِ 4 ارب 96 ڪروڙ ۽ سندن همت افزائي لاءِ 23 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن. ايئن جيلن جي سيڪيورٽي توڙي بهتري لاءِ پڻ فنڊ  رکيا ويا آهن.  تجزيي نگارن جو  اهو آهي ته سنڌ جي امن امان جي بهتري لاءِ غير معمولي فنڊ رکڻ جي ضرورت هئي

زراعت لاءِ سنڌ جي بجيٽ ۾ 58 ارب روپيا، هاري صحت ڪارڊ لاءِ 8 ارب روپيا  رکيا ويا آهن. هارين جي صحت ڪارڊ جي آجيان ڪجي ٿي پر زراعت جي  اڃان وڌيڪ همت افزائي جي ضرورت هئي. ايئن سنڌ جي آب پاشي جو نظام  به بيحد اهم آهي. هر سال ٻوڏن جو خطرو هوندو آهي سو آب پاشي لاءِ 94 ارب روپيا رکيا ويا اهن جن کي جيڪر اڃا ڪجهه وڌائجي ها. هن بجيٽ ۾ البت صنعتن جي ترقي کي به همٿائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

سنڌ ۾ خاص ڪري شرجيل انعام ميمڻ جي ٽرانسپورٽ جي وزارت واري دور ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جو اهو کاتو بهتر ٿيو آهي جنهن جي سڄي ملڪ ۾ ساراهه ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ جديد ٽرانسپورٽ متعارف ٿيڻ لڳي آهي. هن بجيٽ ۾ ان پاليسي کي برقرار رکندي 56 ارب روپيا رکيا ويا آهن يعني سنڌ جي ٽرانسپورٽ ڏانهن حڪومت جو سٺو ڌيان آهي.

صوبي جي ترقي ۽ معيشت ڏانهن جيتوڻيڪ ڪجهه اڳڀرائي ضرور ٿي آهي پر ان کي غير معمولي نه ٿو چئي سگهجي. مقامي حڪومت کي به سنڌ ۾ وڏي اهميت مليل هوندي آهي. هيٺين سطح تي انتظام بهتري ڪرڻ لاءِ هن بجيٽ ۾ 329 ارب روپيا رکيا ويا آهن. وفاقي حڪومت جيان سنڌ سرڪار به سولر هوم اسڪيم لاءِ 5 ارب مختص ڪيا آهن.

سنڌ حڪومت قرضن جي ادائيگي تي 6 ارب 73 ڪروڙ روپيا خرچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته صوبائي سيلز ٽيڪس جو هدف 350 ارب روپيا مقرر ڪيو ويو آهي صوبائي سيلز ٽيڪس گذريل مالي سال جي 230 ارب روپين کان 120 ارب روپيا گهڻو آهي. مطلب ته شين جي اگهن تي ٽيڪس وڌيڪ لڳايا ويا آهن جنهن سان مهانگائي اڃا وڌندي. هن بجيٽ جي اصل ڳالهه اها آهي ته مالي خسارو ڪيترو آهي، اهو آهي 20 ارب جو، يعني اهو خسارو ٽيڪس لڳائي پورو ڪرڻ جو هدف آهي.

سو مجموعي طور تي ڏسجي ته ظاهري طور بجيٽ ڪجهه بهتري آهي ۽ بظاهر عوام کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي پر سوال اهو آهي ۽ پ پ جي حڪومت تي اها ئي تنقيد ٿيندي آهي ته سنڌ صوبي ۽ عوام لاءِ مختص ٿيل فنڊ سنڌ ۽ عوام تي خرچ ناهن ٿيندا.ڪرپشن جا حڪومت تي گهڻا الزام لڳندا آهن.

سو حڪومت کي ان حوالي سان پنهنجو جائزو وٺڻو پوندو ته ان لاءِ اهڙو تاثر قائم ڇو آهي. پگهاردار طبقي لاءِ برابر پگهارون وڌيڪ آهن پر اهي به شڪايتون آهن ته ملازمن کي وقت تي پگهارون ناهن ملنديون. ادارن کي به رهتون برق رفتاري سان ناهن ملنديون. پرنٽ ميڊيا کي به اهي شڪايتون رهيون آهن ته حڪومت جي رهتون ادا ڪرڻ ۾ ڪارڪردگي بهتر ناهي رهي.  سو سنڌ حڪومت جي ڀلي ڪهڙي به بجيٽ هجي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اها سنڌ ۽ سنڌ جي عوام ۽ ادارن تي عملي طور خرچ ڪئي وڃي. ڇو ته عام تاثر اهو هوندو آهي ته پيسا ناهن ۽ مهانگائي به ڏينهون ڏينهن چوٽ چڙهندي ٿي وڃي تنهن جي خاتمي  لاءِ غير معمولي قدم به ناهن کنيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.