ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: افغان بالر ڪپتان راشد خان جي عزت نه ڪئي؟

آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي شاندار بالنگ ذريعي سڀني کي متاثر ڪندڙ افغانستان جي فاسٽ بالر فضل الحق فاروق پاپوا نيوگيني خلاف ڪاميابي کانپوءِ پنهنجي ڪپتان راشد خان کي ” شٽ اَپ “ چئي ڇڏيو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 29هين ميچ ۾ افغانستان پاپوا نيوگني کي 7 وڪيٽن سان شڪست ڏئي سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
گروپ سي ۾ شامل ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ ٽرينڊاد جي برائن لارا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي، جتي افغانستان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو هو.
پاپوا نيو گيني جي ٽيم 19 ڏهائي 5 اوورز ۾ 95 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.
96 رنز جي جواب ۾ افغان بيٽرز 16هين اوور ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو.
شاندار بالنگ تي فضل الحق فاروق کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو .
پوسٽ ميچ پريزنٽيشن ۾ جڏهن فضل الحق فاروقي ايوارڊ وٺڻ پهتو تي اتي پريزينٽر سان ڳالهائيندي افغان بالر ڪپتان راشد خان کي شٽ اپ چئي ڇڏيو.
حقيقت ۾ جڏهن فضل پريزينٽر سان ڳالهائي رهيو هو ان دوران سندس سامهون بيٺل راشد خان کيس چيڙائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جنهن تي افغان بالر کيس کِلندي شٽ اپ چيو جنهن تي ٽهڪڙو مچي ويو.
واضح رهي ته فضل حق فاروق هنيئر تائين ٽورنامينٽ جي ٽن ميچن ۾ سڀ کان وڌيڪ 12 وڪيٽون وٺي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.