ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ بل نه پيارڻ ۽ رهتون ادا نه ڪرڻ تي سرڪاري کاتن جي بجلي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪي اليڪٽرڪ طرفان چيف سيڪريٽري ۽ توانائي واري سيڪريٽري کي هڪ خط موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي 64 کاتن جي بجلي بند جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو.
ڪي اليڪٽرڪ طرفان ٻڌايو ويو ته 8 خط لکيا ويا آهن، پر واعدن باوجود رهتون ۽ بل ناهن ڏنا ويا، فيصلو ڪيو ويو آهي ته هاڻي بجلي جا ڪنيڪشنز ڪاٽيا ويندا.
ڪي اليڪٽرڪ خط ۾ لکيو آهي ته 2019 ۾ حڪومت سمورن رهتن ۽ نوان بل ادا ڪرڻ جو چيو هو، توانائي واري کاتي کي انهي جي ذميواري ڏني وئي هئي.
ڪمپني جو چوڻ هو ته صوبائي کاتن جي بجلي جا ڪنيڪشز ڪاٽا ڪرڻ جون ڪارروايون شروع ڪري چڪا آهيون، فوري طور تي اهو معاملو حل ڪيو وڃي.
ڪي اليڪٽرڪ خط ۾ 64 صوبائي کاتن ۽ ادارن جي فهرست به شامل ڪئي آهي.
Kelectric pakistan SindhGovt
You might also like