ٽويوٽا جون پاڪستاني گاڏيون يورپ ۽ ملازم جاپان اماڻڻ جو اعلان!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ تيار ڪيل انڊس موٽرز ڪمپني جي ٽويوٽا گاڏين جا مختلف ماڊلز يورپي ملڪن ۾ برآمد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڪمپني پنهنجي مشهور ماڊلز جا 50 يونٽ برآمد ڪري رهي آهي، منصوبي تحت ڊينمارڪ، سويڊن ۽ ناروي کي ٽويوٽا فارچيونر، ريوو ۽ ڪرولا ڪراس ڪاريون برآمد ڪيون وينديون جنهن سان 15 لک ڊالر ناڻو حاصل ٿيندو.

ڪمپني 150 ملازمن کي جاپان موڪليندي جنهن سان 25 لک ڊالر ناڻو حاصل ٿيندو.

عملدارن موجب ايندڙ 10 مهينن ۾ وڌيڪ 100 ملازمن کي پرڏيهه موڪلڻ جو هدف رکيو ويو آهي جنهن سان آمدني ٻيڻي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.