پاڪستان سپر ايٽ ۾ نه پهتو ته ايندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائنگ رائونڊ کيڏندو؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيم جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته جيڪڏهن قومي ٽيم هلندڙ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي ته ان کي ايندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ ڪواليفائنگ رائونڊ کيڏڻو پوندو.
پاڪستاني ٽيم 2024 جي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ هنيئر تائين ذڪر جوڳي ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري سگهي ۽ اِهو ئي ڪارڻ آهي جو ان کي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ ٻين ٽين تي ڀارڻو پئجي رهيو آهي.
ايندڙ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ 2026 ۾ سريلنڪا ۽ ڀارت ۾ شيڊيول آهي جنهن ۾ ڪُل 20 ٽيمون حصو وٺنديون.
2026 واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ 2024 واري ايونٽ جي سپر ايٽ مرحلي ۾ پهچندڙ ٽيمون سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪنديون.
ان کانسواءِ جيڪڏهن پاڪستان سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهيو ته ان کي ايندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائنگ رائونڊ نه کيڏڻو پوندو.
معاملو ڇا آهي؟
ٽي ٽوئننٽي عالمي ڪپ 2026 ۾ ڪُل 12 ٽيمون ( گذريل ايونٽ جون ٽاپ 8، 2 ميزبان ملڪ، 2 کان 4 ٽيمون آءِ سي سي جي بهتر رينڪنگ جي بنياد تي ) سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪنديون.
ڀارت هلندڙ ورلڊ ڪپ ۾ سپر 8 مرحلي ۾ پهچي چڪو آهي ۽ ميزبان ملڪ هئڻ سبب هو 2026 واري ورلڊ ڪپ ۾ سڌي ريت شامل هوندو جڏهن ته سريلنڪا هلندڙ ايونٽ جي گروپ مرحلي مان ٻاهر ٿيڻ باوجود ميزبان ملڪ هئڻ ڪري ايندڙ ٽورنامينٽ ۾ سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪري چڪو آهي.
ان جو مطلب آهي 2024 واري ورلڊ ڪپ جون جون ٽاپ اٺ ٽيمون، سريلنڪا، ۽ ٽي ٽيمون ( جن جي 30 جون 2024ع تائين بهترين رينڪنگ هوندي) مجموعي طور 12 ٽيمون ٿين ٿيون اِهي 2026 واري ايونٽ ۾ سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪنديون.
پاڪستاني ٽيم جيڪڏهن هلندڙ ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهي ته بهتر رينڪنگ جي بنياد تي 2026 واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ سڌي ريت ڪواليفاءِ ڪري ويندي.
پاڪستان هن وقت آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ستين نمبر تي موجود آهي.
اِهو ته واضح آهي ته 12 ٽيمون سڌي ريت 2026 وارو ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ کيڏنديون جڏهن ته باقي اٺ ٽيمون جو فيصلو ريجنل ڪواليفائنگ رائونڊ ذريعي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.