پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پهريان آمريڪا ۽ پوءِ ڀارت هٿان قومي ٽيم جي شڪست تي بابراعظم جي ڪارڪردگي ۽ ڪپتاني جي طريقيڪار ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
گرين شرٽس ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ آمريڪا ۽ ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ ڪئناڊا خلاف پنهنجي پهرين فتح حاصل ڪري چڪي آهي، ٽيم جي گروپ اسٽيج ۾ آئرلينڊ خلاف ميچ باقي آهي جيڪڏهن قومي ٽيم آئرلينڊ خلاف به فتح حاصل ڪري ورتي، تڏهن به سپر ايٽ ۾ ڪواليفاءِ لاءِ آمريڪا جي آئرلينڊ هٿان شڪست تي ڀارڻو پوندو.
عالمي ڪپ ۾ پاڪستان جي شروعاتي ناڪامين تي پنهنجي هڪ بيان ۾ اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق چيو ته بابر اعظم ٻيو ڀيرو ڪپتاني ته قبل ڪري ورتي پر هو پنهنجي ڪارڪردگي ۽ ڪپتان جي حيثيت سان انصاف ناهي ڪري سگهيو.
هن چيو ته ڪپتان کي ڪيئي ڀيرا اختيار ناهن ڏنا ويندا، ڪپتان کي اختيار وٺڻا پوندا آهن، پر بابراعظم اختيار ناهي وٺي رهيو، بابر اعظم پاران اختيار نه وٺڻ جا نقصان ٽيم ڀوڳي رهي آهي.
Prev Post
You might also like