اڄڪلهه وڌندڙ مهانگائي ۽ بيمارين انسان کي عجيب صورتحال ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، دوائون هڪ پاسي کيسي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿين ٿيون ته ٻئي پاسي صحت لاءِ پڻ نقصانڪار آهن. دوائون کائڻ سان وات جو ذائقو به عجيب ٿي ويندو آهي بيماري جي ڪري کاڌو پيتو نه وڻڻ سان گڏ دوائن جي ڪَڙي ذائقي جي ڪري ويتر عذاب ٿي ويندو آهي.
وات ۾ به جراثيمن جي ڪري گهڻي قدر مسئلا ٿيندا رهندا آهن، جيڪڏهن نوٽ ڪيو وڃي ته انسان جي پيٽ ۾ ويندڙ هر شيءِ وات جي ذريعي ويندي آهي ۽ مختلف ذائقن ۽ تاثر جي ڪري وات ۾ ڪيترائي جراثيم موجود هوندا آهن جيڪي پيٽ جي بيمارين سميت مختلف خطرناڪ مرضن جو سبب بڻبا آهن، پر انهن مان جند ڇڏائڻ جو سولو طريقو به آهي جيڪو صدين کان وٺي استعمال ٿيندو پيو اچي.
اهو طريقو حڪيم علاج طور استعمال ڪندا ايندا آهن ۽ ڪيترائي وڏڙا انکي گهريلو نسخي طور به استعمال ڪندا رهن ٿا. اهو آهي وات گرڙا ڪرڻ.
هلڪي گرم لوڻ واري پاڻي سان وات جا گرڙا ڪرڻ حڪيم صاحبن جو بادشاه نسخو آهي.
اهي گرڙا لونگ جي پاڻي ۽ ڊسپرين سان به ڪيا ويندا آهن پر لوڻ جي پاڻي جا ڳرڙا صحت لاءِ تمام فائديمند ثابت ٿين ٿا. ڇو ته ان سان وات ۾ موجود ڪيترين ئي قسمن جا جراثيم مري ويندا آهن ۽ ڪو به انفيڪشن يا بيماري جو خطرو گهٽجي نه هئڻ برابر وڃي بچندو آهي.
ڳلي جو سور
صدين کان وٺي اهو نسخو آزمايل آهي ته ڳلي جي سور مان ڇوٽڪاري جي لاءِ هلڪي گرم ۽ لوڻ واري پاڻي جا گراڙا ڪيا وڃن، صبح شام پاڻي جا گرڙا ڪرڻ سان کنگهه سميت ڳلي جي سور جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا آهن.
مختلف الرجيز
ڳلي يا نَڪ ۾ جڏهن خاص قسم جي الرجي جي ڪري نزلو ۽ سور محسوس ٿئي، پالتو جانورن سان گڏ رهندي نڙيءَ ۾ سرڪو ٿئي ته فوري طور تي هلڪي گرم پاڻي ۾ لوڻ وجهي ان جا ڳرڙا ڪرڻ گهرجن ان جو نه رڳو وات پر گڏيل صحت لاءِ تمام گهڻو فائدو هوندو آهي.
ڏندن جي صحت
هلڪي گرم پاڻي ۾ لوڻ جي موجودگي مختلف قسمن جي بيڪٽيرياز سان جنگ هوندي آهي هوڙن جي سور ۽ ڏندن جي بيمارين کان بچاءُ ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪير هلڪي گرم پاڻي ۽ لوڻ جي ڳرڙن کي روز جو معمول بڻائي ته ان جي نه رڳو نڙي صاف ٿيندي پر کيس صحت به بهتر محسوس ٿيندي ۽ وات جي ڌپ به ختم ٿي ويندي.
احتياط
اهي ماڻهو جيڪي هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار آهن انهن کي روز لوڻ جي پاڻي سان ڳرڙا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، اهي رڳو هفتي ۾ هڪ ٻه ڀيرا ڪري سگهن ٿا جڏهن ته گرم پاڻي ۾ لوڻ نه وجهي ڳرڙا ڪري سگهجن ٿا.