اڇي مرچن جا فائدا ڪنهن کي خبر آ؟

اڇا مرچ ٿي سگهي ٿو ڪنهن کاڌا هجن، اهي ڪارن مرچن وانگر گول پر انهن کان ننڍا هوندا آهن، هونئن گهڻن گهرن ۾ اهي موجود به هجن ٿا پر عام طور تي انهن جو استعمال گهٽ ٿيندو آهي اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن کي انهن جي فائدن بابت به گهٽ خبر هوندي.

اڇن مرچن کي ڍڪڻي مرچ به چيو ويندو آهي اڄ اسان اوهان کي انهن جي اهڙن فائدن بابت ٻڌائينداسين جيڪي توهان اڳ ۾ ڪڏهن نه ٻڌا هوندا. اڇن مرچن جو پنهنجو الڳ ذائقو هوندو آهي اهي ڪارن جي ڀيٽ ۾ ٿورا وڌيڪ ئي تيز هجن ٿا.

صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته اڇن مرچن جي استعمال سان هاضمي جي مختلف شڪايتن، ڏندن، مهارن ۽ هوڙن جي مسئلن، وزن ۾ گهٽتائي، مٿي جي سور، نزلي زڪام، بخار ۽ کنگهه جهڙي تڪليف مان جند ڇڏائيندو آهي تنهنڪري اڇن مرچن کي صحت جو خزانو چئجي ته غلط نه هوندو.

ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪارا ۽ اڇا مرچ ٻئي صحت لاءِ فائديمند آهن پر اڇن مرچن ۾ ڪجهه اهڙيون خاصيتون هونديون آهن جيڪي انهن کي ڪارن مرچن کان وڌيڪ فائديمند بڻائن ٿيون.

بنا دير جي شروع ڪيون ٿا انهن جي فائدن جي ڳالهه:

وزن گهٽائڻ

اڇن مرچن ۾ ڪيپسائسن نالي هڪ اهڙو جُز موجود هوندو آهي جيڪو جسم جي واڌو چرٻي کي ختم ڪرڻ ۾ انتهائي مددگار هجي ٿو اهو ئي سبب آهي ته وزن ۾ لاٿ واري دوائن ۾ ضروري طور ڪيپساسين جو مقدار به هوندو آهي ۽ خوراڪ جا ماهر وزن گهٽائڻ جي خواهشمند ماڻهن کي اڇا مرچ کائڻ جو مشورو به ڏيندا آهن.

اکين جي روشني

ڪارن مرچن وانگر اڇا مرچ به اکين جي روشني کي وڌائڻ لاءِ تمام بهترين آهن پر اڇن مرچن ۾ ڪارن مرچن کان وڌيڪ حيرت جوڳا فائدا آهن ۽ اکين جي روشني کي تيز ڪن ٿا اڇن مرچن جو پائوڊر، بادام پائوڊر، وڏفن جو پائوڊر ۽ کنڊ گڏائي روزن کائڻ سان اکين جي روشني ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي.

اينٽي بايوٽڪ خاصيتون

ٻين گرم مصالحن وانگر اڇن مرچن کي به گرم مصالحن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي ان جي استعمال سان جسم ۾ پيدا ٿيندڙ حرارت ۽ ساهه سان جڙيل مسئلا ختم ٿيندا آهن ۽ اڇا مرچ ماکي سان گڏائي استعمال ڪرڻ جي نتيجي ۾ اهي اينٽي بايوٽڪ طور ڪم ڪندا آهن ۽ نڪ جي نالي جي انفيڪشن جو مقابلو ڪندا آهن. انهن جي استعمال سان نزلي، زڪام ۽ کنگهه مان ڇوٽڪارو ملندو آهي. سياري جي موسم ۾ انهن کي سوپ ۽ سلاد ۾ استعمال ڪيو وڃي ته ٿڌ جي شدت کي گهٽائي سگهجي ٿو ۽ وائرل انفيڪشن کان به بچي سگهجي ٿو.

بلڊ پريشر

اڇا مرچ فلاوونائڊز، وٽامن سي ۽ اي سان ڀرپور هوندا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته انهن جو استعمال بلڊ پريشر تي به ڪنٽرول ڪندو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هاءِ بلڊ پريشر واري ماڻهن کي روز اڇا مرچ پنهنجي خوراڪ ۾ شامل ڪرڻ گهرجن اهي دل جي بيمارين لاءِ انتهائي فائديمند هوندا آهن. اڇن مرچن ۾ ميگنيشيم، ڪاپر ۽ مينگنيز جهڙيون معدنيات به ججهي مقدار ۾ موجود هونديون آهن جيڪي هڏن جي طاقت وڌائڻ ۾ انتهائي فائديمند ثابت ٿينديون آهن. خاص طور تي اڇن مرچن جو استعمال انهن ماڻهن لاءِ ضروري آهي جيڪي ننڍي عمر ۾ ئي هڏين جي مسئلن ۾ پئجي ويندا آهن.

مٿي جو سور

مٿي جي سور، مائگرين جا ڪيترائي خطرناڪ قسم آهن جيڪڏهن ڪنهن کي مختلف دوائن سان به مٿي جو سور ختم نه ٿئي يا وري انهن لاءِ مٿي جو سور ناسور بڻجي وڃي ته اهي پنج ڇهه بادام جا داڻا ۽ چار پنج اڇن مرچن جا داڻا رات جو سمهڻ وات گڏائي وات ۾ چوسي چوسي آخر ۾ کائي ڇڏي ته انهن جو مٿي جو سور ختم ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.