ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن جا نوان انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
اسٽيٽ بئنڪ موجب 7 جون تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 9 ارب 10 ڪروڙ 33 لک ڊالر رهيا.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته 7 جون تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ 60 لک ڊالرن جي گهٽتائي ٿي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب پاڪستان جا مجموعي ناڻي مٽاسٽا ذخيرا 14 ارب 38 ڪروڙ 38 لک ڊالر رهيا، ڪمرشل بئنڪن وٽ 5 ارب 28 ڪروڙ 5 لک ڊالر رهيا.
statebankofpakistan dollar pakistanirupee