لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان نئين ديري ۾ مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جي 8 ڀاتين جي حالت خراب ٿي وئي.
نئين ديري شهر جي غريب آباد پاڙي ۾ گذريل رات مبينا طور زهريلو کاڌو کائڻ سبب هڪ ئي گهر جي 8 ڀاتين جي حالت خراب ٿي وئي، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، جن کي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي.
ان موقعي تي وارثن ٻڌايو ته اسان جي گهر ڀاتين گذريل رات چانور ۽ انب کاڌا، جنهن کان پوءِ سندن حالت خراب ٿي وئي، جنهن ڪري اسان کين کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ داخل ڪرايو، هاڻ سندن حالت بهتر آهي.
larkana naodero sindh