ايپل چارجنگ جي حوالي سان نئون فيچر آڻي ڇڏيو

ڪيليفورنيا(ويب ڊيسڪ) ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل پنهنجي نئين آءِ او ايس جي سيٽنگز ۾ هڪ فيچر متعارف ڪرائڻ پئي وڃي ، جيڪو واهپيدارن کي آءِ فون جي سست چارجنگ بابت ٻڌائي سگهندو.
سماجي رابطن واري پليٽ فارم ريٽ اٽ تي هڪ واهپيدار آءِ فون ۾ متعارف ڪرائي ويندڙ هن نئين فيچر جو اسڪرين شارٽ شيئر ڪيو.
واهپيدارموجب فيچر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن يا ڏهن ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن سست چارجنگ ٿي ان کي نارنگي رنگ ۾ ڏسي سگهبو.
واهپيدار ٻڌايو ته کيس ان فيچر بابت تڏهن خبر پئي جڏهن هن فون کي پنج واٽ جي چارجر سان چارج ڪيو.
ڪيترائي وائرليس چارجر ميڪ سيف قرار ڏنا ويندا آهن، جڏهن ته ڪيو آءِ اسپيڊز يا انکان گهٽ تائين محدود هوندا آهن، اهو فيچر واهپيدارن کي اهو سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو ته ان جي آءِ فون ڇو مناسب رفتار تي چارج نه پئي ٿئي؟.
Apple Iphone Charging

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.