لنڪڊ ان اهو سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ آهي، جنهن کي ڪيترائي ماڻهو نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن.
مائيڪرو سافٽ جي ملڪيت هيٺ سوشل ميڊيا نيٽورڪ ۾ 2023 دوران نوڪريون ڳولڻ لاءِ اي آءِ ٽيڪنالاجي جا ٽولز متعارف ڪرايا ويا هئا.
هاڻي ڪمپني پريميئم واهپيدارن لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي.
انهي فيچر ذريعي واهپيدارن لاءِ سي وي ايڊٽ ڪرڻ آسان ٿي ويندو ۽ هو ڪور ليٽر تيار ڪري سگهندا.
ڪمپني موجب لنڪڊ ان مان ٺهيل ڪور ليٽر ۽ سي ويز روبوٽيڪ محسوس نه ٿينديون.
ڪمپني ٻڌايو آهي ته نوان ٽولز واهپيدارن کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيا ويا آهن.
ڪمپني طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اڃا اي آءِ ٽيڪنالاجي تي شروعاتي ڪم جاري آهي ته جيئن نوڪرين جي درخواست جو عمل مڪمل طور تي آٽوميٽڊ ٿي سگهي.
LinkedIn Jobs Searchengine
You might also like