واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ هڪ اهڙو ڪم وارو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي، جنهن سان ڊيوائسز جي چيٽ هسٽري کي منتقل ڪرڻ وڌيڪ آسان ٿي ويندو.
هاڻي واٽس ايپ ۾ چيٽ بيڪ اپ کي ڊيٽا هڪ کان ٻي ڊيوائس ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
واهپيدارن کي ڪلائوڊ سروسز جهڙن گوگل ڊرائيو يا آءِ ڪلائوڊ ۾ ڊيٽا بيڪ اپ ٺاهڻو پوندو آهي، پر آءِ او ايس ۽ اينڊرائڊ مان ڊيٽا ٽرانسفر ڪرڻ گهڻو مشڪل هوندو آهي.
ان کي مدنظر رکندي واٽس ايپ ۾ ٽرانسفر چيٽ هسٽري نالي فيچر ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهو نئون فيچر هوندو جيڪو مختلف پليٽ فارمز مان چيٽ هسٽري ٽرانسفر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگهندو ۽ ڪنهن مخصوص سيڪشنز يا طريقيڪار جي ضرورت نه هوندي
Meta Whatsapp Chathistory