پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ ڌڙابندي ( گروپنگ ) جي افواهن کي قومي ڪرڪيٽر افتخار احمد وڌيڪ هوا ڏئي ڇڏي آهي.
افتخار احمد سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ کي لائيڪ ڪيو آهي جنهن ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ 2024 ۾ ڀارت هٿان پاڪستان جي شڪست کانپو سندس ساٿي رانديگر عماد وسيم تي تنقيد ڪئي وئي هئي.
ڀارت خلاف 120 رنسن جي هدف جي جواب ۾ بدقسمتي سان عماد وسيم ٽيم کي فتح نه ڏياري سگهيو، هن آخري اوور جي پهرين بال تي آئوٽ ٿيڻ کان اڳ 23 بالن تي 15 رنسون ٺاهيون هيون.
پاڪستان کي آخري پنج بالن تي 18 رنسون گهربل هيون، ان وقت نسيم شاهه ڪريز تي موجود هو جنهن ٻه چوڪا به هنيا پر آخرڪار قومي ٽيم کي ڀارت هٿان ڇهن رنسن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو .
شڪست کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدار نشاندهي ڪئي ته افتخار احمد عماد وسيم جي بيٽنگ ڪارڪردگي بابت هڪ چڙ جوڳي ٽوئيٽ تي پسنديدگي جو اظهار ڪيو آهي.
ظاهري طور ان ننڍڙي عمل قومي ٽيم جي ايڪي جي کوٽ جي حوالي سان اڳواٽ موجود افواهن کي وڌيڪ ڊيگهه ڏئي ڇڏي آهي.
ڪرڪيٽ شوقينن کانسواءِ اسپورٽس تجزيي نگار به ٽيم جي امڪاني اختلافن تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن.
pakistancricketteam T20WorldCup2024 PakistanCricket PCB Grouping IftikharAhmed ImadWasim