ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ پيش ٿيڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن ئي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏٺي وئي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات کان ئي زبردست تيزي رهي ۽ 100 انڊيڪس ۾ رڪارڊ 3 هزار 410 پوائنٽن جي واڌ ٿي.
رڪارڊ واڌ کانپوءِ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس 76 هزار 208 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو.
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڄ 65 ڪروڙ شيئرز جا سودا 30 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 349 ارب وڌي 10 هزار 133 ارب رپيا آهي.
psx pakistanstockexchange business