بابر ملڪ جي ڪرڪيٽ تباهه ڪري ڇڏي، جعلي ڪنگ جو احتساب ڪير ڪندو؟: احمد شهزاد

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڪرڪيٽر احمد شهزاد قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي ڪارڪردگي سان پنهنجي ڀيٽ تي کيس جعلي ڪنگ قرار ڏئي ڇڏيو.
قومي ٽيم جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آمريڪا ۽ وري ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ ڪئناڊا خلاف پنهنجي پهرين فتح حاصل ڪري چڪي آهي، ٽيم جي جي آئرلينڊ خلاف ميچ اڃا باقي آهي جيڪڏهن پاڪستاني ٽيم آئرلينڊ خلاف فتح حاصل ڪري ورتي تڏهن به سپر ايٽ ۾ ڪواليفاءِ لاءِ آمريڪا جي باقي ميچن ۾ شڪست تي ڀارڻو پوندو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي شروعاتي ٻن ميچن ۾ بدترين شڪست تي ڪپتان بابر اعظم سميت قومي رانديگرن کي سينيئرز ڪرڪيٽرن ۽ شوقينن طرفان ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام دوران ميزبان احمد شهزاد کي بابراعظم جي مقابلي ۾ سندس انگ اکر ڏيکاري کائنس راءِ طلب ڪئي.
جنهن تي احمد شهزاد چيو ته سوشل ميڊيا تي سندس اٺ سال پراڻي رڪارڊ جي بابراعظم سان ڀيٽ ڪئي پئي وڃي جڏهن ان وقت صورتحال مختلف هئي.
هن چيو ته اسان اڍائي، ٽي لک ماهوار پگهار ملندي هئي جڏهن ته هاڻي رانديگرن کي پنجاهه لک ماهوار پگهار ملي ٿي، بابر کي ڪپتان هئڻ سان گڏ هر اختيار حاصل آهي پر ان باوجود هو ماڊرن ڪرڪيٽ دنيا کان پوئتي رهجي ويو آهي.
قومي ڪرڪيٽر چيو ته پاڪستان ۾ مضبوط کان مضبوط ڪپتان جو هڪ ٻن سيريز بعد احتساب ٿيو پر بابر جو احتساب ڪنهن ناهي ڪيو، بابر کي جيترو سپورٽ ڪيو ويو آهي پاڪستان جي تاريخ ڪنهن ڪپتان کي سپورٽ ناهي ڪيو ويو.
هن چيو ته پنج سالن دوران بابر ملڪ لاءِ هڪ ٽرافي ناهي کٽي سگهيو، بابر پنهنجي دوستن کي ايڊجسٽ ڪرائڻ لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽرن کي نظرانداز ڪيو ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جو نظام ڊانوا ڊول ڪري ڇڏيو.
احمد شهزاد قبول ڪيو ته مونکي ايترو موقعو ڏنو وڃي ھا جيترو انهن (بابر اينڊ ڪمپني) کي مليو ته مان به پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي امپروو ڪري پئي سگهيس.
هن وڌيڪ چيو ته مون علاقائي ڪرڪيٽ کي وقت ڏنو غلطيون سڌاريون، ماضي جي سپر اسٽارز جو ھڪ ٻن ميچز کانپوءِ احتساب ٿيندو ھو پر نام نهاد ڪنگ بابر اعظم جو احتساب ڪير ڪندو ؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.