سني ديول پاران ”بارڊر2“ ۾ بطور هيرو واپسي جو اعلان

ڀارتي اداڪار سني ديول پنهنجي مشهور فلم ”بارڊر“ جي ٻي سيڪوئل ۾ بطور هيرو اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
1997ع ۾ سينيما گهرن جي زينت بڻجڻ واري فلم ”بارڊر“ جي پي دتا ڊائريڪٽ ڪئي جيڪا بالي ووڊ جي هڪ سپر هٽ فلم ثابت ٿي.
سني ديول ان فلم جي حوالي سان هڪ اهم اعلان ڪندي فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ جاري ڪئي،جنهن ۾ شامل وڊيو ۾ سني جي دمدار آواز ٻڌي سگهجي ٿي.
وڊيو ۾ سني ديول چوندو آهي ته 27 سال پهريان هڪ فوجي واعدو ڪيو ته واپس اينداسين، ان واعدي کي پورو ڪرڻ، هندستان جي مٽي کي پنهنجو سلام چوڻ اچي رهيو آهي ”ڪلديپ سنگهه“
پوسٽ موجب بارڊر 2 جي هدايتڪاري انوراگ سنگهه ڏيندو، جڏهن ته پروڊيوسر ڀوشن ڪمار، ڪرشنا ڪمار، جي پي دتا ۽ نڌي دتا هوندو.
ياد رهي ته گذريل سال آگسٽ ۾ سني ديول 2001 ۾ رليز ٿيڻ واري فلم ”غدر“ جي سيڪوئل ۾ جلوا ڏيکاريا هئا، ان فلم ڀارت ۾ 450 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪيو هو.
SunnyDeol Border2 Bollywood

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.