سڀ مون کي خاموش ڪرائڻ ۾ لڳل آهن: عمران خان

راولپنڊي (م ڊ)اڊيالا جيل جي عدالت واري ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو آهي ته سڀ جا سڀ  مونکي خاموش ڪرائڻ ۾ لڳل آهن ته ڪنهن به صورت ۾ ڌانڌلي کي ڪور ڏنو وڃي، چيف اليڪشن ڪميشن ڌانڌلي ڪرائي ۽ هاڻ حڪومت ميڊيا کي بند ڪرڻ جو مقصد آهي ته ڪوڙ کي لڪائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪا پارٽي ميدان ۾ ناهي آئي ان کي کٽرايو ويو، اليڪشن جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ گهرجي، سڄي پنجاب ۾ اسان خلاف ڪارروايون ڪيون پيون وڃن ۽ پي ٽي آءِ جا ماڻهن جتي ڪنوينشن ڪندا آهن اتا کين کنبڀو ويندو آهي. ٻئي طرف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران عمران خان ۽ بشرا بي بي جي وڪيلن ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ جج کان پنهنجا اعتراض واپس وٺي ڇڏيا.پراسيڪيوشن عدالت کي ٻڌايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران جج محمد علي وڑائچ جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ قانون واري وزارت جي نوٽيفڪيشن جي ڪا به حيثيت ناهي.ٻڌڻي دوران عمران خان ۽ بشريٰ بي بي عدالتي ڪمري ۾ موجود هئا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 14 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.