ڪراچي (رپورٽر) ملير ايڪسپريس وي جي منصوبي لاءِ بلوچي ٻولي، بلوچي ادب ۽ اردو ادب سان گڏ انگريزي ۽ سنڌي زبانن تي ٻڌل سيد هاشمي ريفرنس لائبريري تي ملير ايڪسپريس وي پراجيڪٽ جي ٽيم ڊاهڻ لاءِ ڳاڙها نشان لڳائي ڇڏيا سنڌ انڊيجينيئس رائيٽس الائنس پاران سيد هاشمي ريفرنس لائبريري ڊاهڻ جي منصوبي کي سازش قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ انڊيجينيئس رائيٽس الائنس جي اڳواڻن حفيظ بلوچ ۽ رخمان گل پالاري عوامي آواز کي ٻڌايو ته ملير ايڪسپريس وي جي تعمير لاءِ سيد هاشمي ريفرنس لائبريري کي ڊاهڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جنهن سان ملير جي شاگردن سميت لائبريري ۾ ڪتاب پڙهندڙن جو وڏو نقصان ٿيندو. هي لائبريري 2003 ۾ قائم ٿي ۽ باقاعده ڪم 2006 ۾ شروع ڪيو ويو. هن لائبريري جو قيام سرڪاري بجيٽ بدران پروفيسر صبا دشتياري چندو گڏ ڪري لائبريري قائم ڪئي هئي ڇوته سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومتن هن لائبريري لاءِ فنڊ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته هن لائبريري لاءِ زمين پڻ خانگي ۽ خانداني ملڪيت آهي عوامي آواز هيڊ آفيس جي دوري دوران انڊيجينيئس رائيٽس الائنس اڳواڻن چيو ته بلوچي ٻولي ۽ ادب سان واڳيل ڪتاب هن اداري جي نگراني ۾ شايع ٿيندا آهن، هن لائبريري ۾ 60 کان 70 سال پراڻن تحقيقي ڪتابن ۽ رسالن جو ذخيرو موجود آهي. جتي هزارين شاگرد بنا رنگ نسل ۽ ٻولي جي فرق جي فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، هن لائبريري جا ميمبر سالياني في ذريعي خرچ پورا ٿيندا آهن. . هي ثقافتي ۽ سماجي مرڪز آهي هن کي ڊاهڻ معاشري کي بلڊوز ڪرڻ برابر هوندو. اڳواڻن عوامي آواز کي وڌيڪ ٻڌايو ته اها لائبريري نه پر هڪ ادارو آهي ۽ ان کي ڊاهڻ جي سازش هتي جي ٻولي، علم ۽ ثقافت، تحقيق، ثقافت ۽ تاريخ کي تباهه ڪرڻ جي سازش خلاف ڀرپور قانوني طريقي سان مزاحمت ڪري ملير جي زمينن جي حفاظت ڪندي. هنن چيو ته سڄي سنڌ انهن بلڊوزرن جي اڳيان بيٺي هوندي ۽ ڊاهڻ نه ڏينداسين. آخر ۾ اڳواڻن سنڌ هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي ته قومي ورثي کي بچايو وڃي.