ڪراچي(رپورٽ:محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي اعجازالحق بنگلاديش ۾ ترسيل بهارين کي پاڪستان آڻڻ واري مطالبي وارو ٺهراءُ پيش ڪيو، ايم ڪيو ايم جي اعجاز الحق بهارين کي پاڪستان آڻڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته 52 سال ٿي ويا آهن، بنگلادِيش ۾ رهندڙ پاڪستانين کي واپس آندو وڃي، انهن اتان جي حڪومت کي اڃا تائين تسليم نه ڪيو آهي. ان تي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار ڳالهائيندي چيو ته اهومعاملو وفاق جو آهي،اهو قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو وڃي، ، ايم ڪيو ايم ميمبر جي اهڙي ٺهراءُ کي جڏهن اسپيڪراويس قادر شاهه ووٽنگ لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ته پيپلزپارٽي ميمبرن ٺهراءُ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏئي ٺهراءُ کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو، صابر قائمخاني جي استادن جي بدلين بابت اعتراض واري نقطي تي جواب ڏيندي تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته 63 هزار ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون آهن، هاڻي ڀرتين جوعمل ٻيهر شروع ٿيندو، ڀرتيون سمورن ضلعن ۾ برا بري جي بنياد تي ٿينديون، هن چيو ته استادن جي بدلين بابت پاليسي ڪابينا مان منظوري ورتي وئي آهي، هن چيو ته ٻوڏ دوران تباهه ٿيل 19700 اسڪولن مان 5 هزار 2 سئو اسڪول بحال ڪيا ويا آهن اڃا ساڍا 13 هزار اسڪول بحال نه ٿيا آهن، وفاقي سرڪار واعدو ڪرڻ باوجود اسڪولن جي بحالي لاءِ هڪ رپيو به ناهي ڏنو،ان کان اڳ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي عادل عسڪري انجنيئرن کي ٽيڪنيڪل الائونس ڏيڻ وارو ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن جي پيپلزپارٽي ميمبرن پڻ حمايت ڪري ڇڏي ۽ ٺهراءُ گڏيل طور تي منظور ڪيو ويو. روينيوکاتي بابت مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي سميت مختلف ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجارچيوته روينيو کاتي ۾ مختيارڪارن، ڪلارڪن ۽ تپيدارن سميت ٻين ملازمن جون ڀرتيون سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٿيون آهن، 33 مختيارڪار ۽ 121 جونيئر ڪلارڪ ڀرتي ڪيا ويا، مختيار ڪار جي جتي ضرورت هوندي آهي اتي پوسٽنگ ڪرائي ويندي آهي، جڏهن ته ايوان ۾ وفاقي پاسپورٽ پاليسي تي تنقيد ڪئي وئي، پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي پ پ ايم پي اي ماروي فصيح چيو ته وفاقي حڪومت پاران پاسپورٽ پاليسي تبديل ڪري عورتن کي مشڪلات ۾ وجهي ڇڏيوآهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت عورت لاءِ پاسپورٽ تي اڳوڻي مڙس جونالولکڻ ضروري قرارڏنو آهي،اهڙي پاليسي قبول نه ڪنداسين، جنهن سان عورتن کي مشڪلاتون پيش اچن، هوڏانهن پ پ جي چونڊيل نمائندن بهارين کي پاڪستان آڻڻ واري ايم ڪيو ايم جي مطالبي کي سمجهه کان ٻاهر قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان هاڻي وڌيڪ بار برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ميرالله بخش ٽالپر، امداد پتافي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جاميمبر اهڙا ڊراما ڪندا رهندا آهن، سنڌتوڙي پاڪستان تي اڳ ئي پناهگيرن جو بار آهي، هاڻي وڌيڪ بار برداشت نه ٿو ڪري سگهجي.