ڀارت پاڪستان سان سرحد پار دهشتگردي جو مسئلو حل ڪرڻ چاهي ٿو: جئه شنڪر

نئين دهلي ( م ڊ ) ڀارتي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر چيو آهي ته ڀارت پاڪستان سان ”سرحد پار دهشتگردي جو پراڻو مسئلو“ حل ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ڀارت به چين سان سرحدي مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏيندو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي مسلسل ٽيون ڀيرو وزيراعظم جي عهدي جو حلف کڻي نئين دهلي جي راشٽرپتي ڀون (صدر هائوس) ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪئي،تقريب ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ حڪومت جي پاڙيسري پهرين پاليسي کي اجاگر ڪيو ويو. حلف برداري واري تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر چيو ته چين ۽ پاڪستان سان لاڳاپا ۽ مسئلا مختلف نوعيت جا آهن. جي شنڪر چيو ته، "پاڪستان سان، اسان سرحد پار دهشتگردي جي پراڻي مسئلي جو حل ڳولڻ چاهيون ٿا، ڇاڪاڻ ته اها سٺي پاڙيسري جي پاليسي نه ٿي سگهي.

indopakrelations India Pakistan Jaishankar

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.