اسلام آباد ( م ڊ) نئين مالي سال جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي. بجيٽ ۾ نياڻي جي پينشن ختم ڪرڻ سميت پينشن ۽ خاندان کي ملندڙ پينشن جو وقت محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. نئين مالي سال 25،2024 جي بجيٽ ۾ بچاءُ لاءِ 2100 ارب ۽ تعليم لاءِ صرف 39 ارب رپيا رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هر طرح جي ٽئڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ ۽ واڌو ٽئڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 18 هزار ارب رپين جي وفاقي بجيٽ سڀاڻي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي، جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته دفاعي بجيٽ ۾ 2100 ارب رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾ سود ۽ قرضن جي ادائگي جو تخمينو 9.5 ٽريلين روپين جي نان ٽيڪس روينيو جي ابتدائي تخميني طور لڳايو ويو آهي. سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ختم ٿيڻ سان اضافي ٽيڪس لاڳو ڪيا ويندا. اڪثر شين تي سيلز ٽيڪس، ود هولڊنگ ٽيڪس ۽ ڪسٽم ڊيوٽي وڌائڻ جو امڪان آهي. ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو هدف 12.9 ٽريلين رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، پيٽروليم شين تي 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس، جي ايس ٽي ۾ 1 سيڪڙو واڌ ڪري 2 ٽريلين رپيا اضافي آمدني حاصل ڪئي ويندي. پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 1050 ارب رپين کان وڌيڪ وصول ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، بجيٽ ۾ سيلز ٽيڪس ۾ غير ضروري ڇوٽون ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن سان ساڍا 5 ارب رپين جي اضافي آمدني جو امڪان آهي.زرعي شين، ٻج، ڀاڻ، ٽريڪٽر ۽ ٻين سامان تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو، جڏهن ته کاڌي پيتي، دوائن ۽ اسٽيشنري تي 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي تجويز ڏني وئي آهي. توانائي جي شعبي ۾ سبسڊيز لاءِ 800 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي. پينشن سڌارن تحت نون ڀرتي ٿيل ملازمن لاءِ رضاڪارانه مدد وارو پينشن سسٽم متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ريٽائر ٿيندڙ ملازمن کي پينشن 20 سالن جي عمر بدران 20 سال ڏيڻ جي تجويز آهي. ملازمن جي فيملي پينشن جو مدو 10 کان 15 سال هوندو آهي، جڏهن ته ڌيءَ جي پينشن به ختم ڪرڻ ۽ ڪميوٽيشن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.