اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب پ پ پارلياماني پارٽي جي اجلاس جي صدارت بلاول ڀٽو زرداري ڪئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ ميمبرن بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي راءِ ڏني، هنن بجيٽ بابت اعتماد ۾ نه وٺڻ تي خدشن جو اظهار ڪيو.
ذريعن موجب پ پ ميمبرن پي ايس ڊي پي تي اعتماد ۾ نه وٺڻ تي به خدشن جو اظهار ڪيو.
ppp budget2024 pmln