ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 6 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 41 هزار 9 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 514 رپيا واڌ بعد 2 لک 7 هزار 390 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ڇهه ڊالر واڌ کانپوءِ 2131 ڊالرز ٿي وئي آهي.