ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: آسٽريليا نميبيا کي شڪست ڏئي سُپر 8 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

انٽيگوا ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: آسٽريليا نميبيا کي شڪست ڏئي سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 24 ھين ميچ ۾ آسٽريليا نميبيا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سپر 8 مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آھي.
سر ويوين رچرڊز اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ورلڊ ڪپ جي گروپ بي جي ميچ ۾ آسٽريلوي ڪپتان مچل مارش ٽاس کٽي نميبيا کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
نميبيا جا بيٽرز آسٽريلوي بالرز آڏو واري جي ڀت ثابت ٿيا ۽ سموري ٽيم 17 اوورز ۾ 72 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
آسٽريليا خلاف نميبيا جا 9 بيٽرز ڊبل فگرز ۾ نه پهچي سگهيا، ڪپتان ايراسمس 36 رنز ٺاھيون.
آسٽريليا جي ايڊم زمپا 4، جوش ھيزل ووڊ ۽ مارڪس اسٽوئنس 2،2 جڏھن پيٽ ڪمنز ۽ اليز ھڪ ھڪ وڪيٽ ورتي.
نميبيا جو 73 رنز جو هدف آسٽريليا ڇهين اوور ۾ ھڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
آسٽريليا طرفان ٽريوس ھيڊ 17 بالن تي 34 ۽ مچل مارش 18 رنز ٺاھي ناٽ آئوٽ رھيا، ڊيوڊ وارنر 20 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپ اسٽيج ۾ لاڳيتو ٽين فتح کانپوءِ آسٽريليا ڇهن پوائنٽس سان سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو .
شاندار بالنگ تي ايڊم زمپا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.