قومي اسيمبلي جي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي ڪيئن رهي؟ فافن رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فري اينڊ فيئر اليڪشن نيٽ ورڪ ( فافن ) قومي اسيمبلي جي ابتدائي سئو ڏينهن جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
فافن رپورٽ موجب، قومي اسيمبليءَ جي شروعاتي سئو ڏينهن دوران قانون سازي جو عمل سست رفتاري جو شڪار رهيو، اسٽينڊنگ ڪمٽين جي جوڙ جڪ ۾ دير سبب اسيمبلي جي ڪارڪردگي پڻ متاثر ٿي.
فافن رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سيڪيورٽي خدشن جي آڙ ۾ قومي اسيمبلي جي گئلري تائين شهرين جي پهچ تي پابندي به ڪارڪردگي تي اثرانداز ٿي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مجموعي طور تي ايوان 66 ڪلاڪ ۽ 33 منٽن تي ٻڌل 23 اجلاس ڪيا، هائوس ۾ موجودا 310 ميمبرن مان 159 ( 51 سيڪڙو ) ميبرن فعال ٿي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي، ايوان ۾ ميمبرن جي سراسري حاضري 231 رهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ 302 ۽ سڀ کان گهٽ 176 آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي جي 23 مان رڳو ٻن اجلاسن جي ڪارروائي ۾ شرڪت ڪئي جيڪا ڏهه سيڪڙو ٿئي ٿي، جڏهن ته ماضي ۾ اڳوني وزيراعظم نواز شريف 26 سيڪڙو ۽ عمران خان 29 سيڪڙو اجلاسن جو حصو رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.