ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي فورسز جي سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ پهرين اپريل کان ڏهه جون تائين دهشتگردن خلاف ڪيل 7 هزار 745 آپريشن ۾ 181 دهشتگرد مارجي ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي دوران سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ست هزار 745 آپريشن ڪيا، ان دوران خيبرپختونخوا ۾ ٻه هزار 701، بلوچستان ۾ 4 هزار 902 ۽ سنڌ ۾ 142 آپريشنز ڪيا ويا.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشنز دوران مجموعي طور تي 181 دهشتگرد مارجي ويا، جنهن ۾ ڪي پي ڪي ۾ 128، بلوچستان ۾ 51 ۽ سنڌ ۾ ٻه دهشتگرد ماريا ويا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، مئي دوران بلوچستان 12 ۽ خيبرپختونخوا مان 42 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ان عرصي دوران خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان مان 61 دهشتگرد گرفتار پڻ ٿيا.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڊيرا اسماعيل خان ۽ ٽانڪ ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ 12، لڪي مروت ۾ 11 جڏهن ته اتر وزيرستان ۾ 19 دهشتگرد ماريا ويا.
You might also like