اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) وفاقي گهرو وزارت پرڏيهه ۾ پناهه وٺندڙ پاڪستانين کي پاسپورٽ جاري نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گهرو وزير طرفان اهو وڏو فيصلو ملڪي سلامتي ۽ سيڪيورٽي کي ڏسندي ڪيو ويو آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پنهنجي وزارت کي ان سلسلي ۾ اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي. محسن نقوي جي هدايت تي وفاقي گهرو وزارت ان حوالي سان خط پرڏيهي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي اماڻي ڇڏيو آهي. وزارت طرفان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اهڙا سڀ پاڪستاني جيڪي ڪنهن به بنياد تي ٻين ملڪن ۾ پناهه وٺندا انهن کي پاسپورٽ نه ملندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙن پاڪستانين جا پاسپورٽ رد ڪيا ويندا ۽ کين ٻيهر ٺاهي نه ڏنا ويندا.