بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جو خاص خيال رکيو وڃي: آصف علي زرداري

اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم شهباز شريف جي ايوان صدر ۾ ملاقات ٿي، وزيراعظم شهباز شريف بجيٽ منظوري بابت صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کان مڪمل حمايت طلب ڪري ورتي آهي.جنهن  تي صدر وزيراعظم کي ملڪ جي ترقي ۽ اقتصادي هدف حاصل ڪرڻ ۾ تعاون جو يقين ڏياريو. صدر آصف علي زرداري وزيراعظم کي چيو ته بجيٽ ۾ غريب ۽ وچولي طبقي جو خاص خيال رکيو  وڃي. ملاقات ۾ ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال ۽ معاشي معاملن تي به غور ڪيو ويو. شهباز شريف آصف زرداري کي چين جي تازي دوري بابت به آگاهه ڪيو.جنهن دوران منصوبابندي ۽ خاص قدمن وارو وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال به موجود هو.

PMLN PPP AsifZardari budget

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.