مٺياڻي  ويجهو پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو، 3 اهلڪار زخمي

مٺياڻي ) ن ع آ(  نوشھروفيروز  جي مختلف ٿاڻن ٺاروشاهھ ڀريا روڊ  محراپور ھالاڻي ڪنڊيارو مٺياڻي مورو جي پوليس تڳر ٿاڻي جي حد ۾ ڏوھن جي علامت بڻيل مختلف ٿاڻن تي ڪيسن ۾ گھربل ڏوھارين منٺار ڀرٽ دلدار ڀرٽ لکمير حميد ڀرٽ جي گھرن تي گرفتاري لاءِ چڙھائي ڪئي تـ پوليس ۽ ڏوھارين ھڪ ٻئي مٿان ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا فائرنگ  سبب ھالاڻي ٿاڻي جو پوليس اھلڪار غلام مصطفيء ڪلھوڙو زخمي ٿي پيو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٺاروشاھ اسپتال پھچايو ويو جڏھن تـ پوليس ۽ مبينا ڏوھارين ۾ فائرنگ جو سلسلو ھلندڙ آھي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نوشھروفيروز اسد نبي کچي ٻڌايو تـ ڏوھارين جي اطلاع تي ڪاروائي ڪئي تـ ڏوھارين اسان مٿان سڌي فائرنگ ڪئي آھي ۽ گوليون لڳڻ ڪري هڪ سب انسپيڪٽر غفور نائچ شاهد سيال  غلام مصطفا ڪلهوڙو  جوان زخمي ٿي پيا جن اسپتال ڌانهن روانو ڪيو ويو آھي وڌيڪ نفري طلب ڪئي آھي ۽ ڏوھارين کي ھر صورت ۾ گرفتار ڪيو ويندو جڏھن تـ فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏھڪاء پکيڙجي ويو آھي ماڻھن گھرن تائين محدود بڻيل آھن .

  1. مال پڙي لڳائڻ تان ٿيل تڪرار وارو ڪيس، ڊائريڪٽر وٽرنري ۽ ڊائريڪٽر ڪي ايم سي طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايف بي ايريا ۾ جانورن واري پڙي لڳائڻ تي تڪرار وارو ڪيس ۾ عدالت سينيئر ڊائريڪٽر ويٽرينري رستم خان ۽ ڪي ايم سي ڊائريڪٽر کي طلب ڪري ورتوآهي .درخواستگذار چيو ته ڪمشنر ڪراچي قانوني طور تي بلاڪ 19 ايف بي ايريا ۾ پڙي لاءِ جي جڳهه الاٽ ڪئي هئي، پر ڄاڻايل جڳهه تي پرامن طريقي سان قبضو نه  پيو ڏنو  وڃي.علائقي جي رهواسين جو چوڻ آهي ته عبدالخالق افغاني فٽبال گرائونڊ جانورن جي پڙي لاءِ استعمال نه ٿو ٿي سگهي، علائقي جي رهواسين جو چوڻ هو ته گذريل 25 سالن کان عيد جي نماز گرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويندي آهي.

  1. شاگرد جي گمشدگي بابت وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان جواب طلب

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پي ايڇ ڊي شاگرد جي گمشدگي  خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.عدالت صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتوآهي. وڪيل جو چوڻ آهي ته سيد ممتاز شاهه جو تعلق آءِ ٽي جي شعبي سان آهي ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. وڪيل جبران ناصر چيو ته هن کي پهريان به 2006 ۽ 2018 ۾ کنڀي گم ڪيو ويو هو. پر شاهديون نه هجڻ تي کيس عدالتن جي حڪم تي آزاد ڪيو ويو. وڪيل جبران ناصر چيو ته ممتاز شاهه کي 26 اپريل تي هڪ دفعو ٻيهر اغوا ڪيو ويو آهي، هاڻي خبر ناهي ڪٿي آهي .سچل ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وئي پر  ڪيس داخل نه ڪيو ويو.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايس ايڇ او سچل کي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتوآهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.