ڀارت هٿان شڪست، رانديگرن پاڻ کي ڪمرن ۾ بند ڪري ڇڏيو، ٽيم ۾ سوڳ وارو ماحول

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ پاڪستاني رانديگر پنهنجن ڪمرن تائين محدود ٿي ويا آهن.
نيويارڪ جي نسائو ڪائونٽي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ روايتي مخالف ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ قومي ٽيم جي ڪيمپ ۾ سوڳ وارو ماحول آهي ۽ پاڪستاني رانديگر ڀارت خلاف ميچ ۾ هارائڻ کانپوءِ تمام گهڻي ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن.
قومي ٽيم جي رانديگرن سومر جي ڏينهن گهڻو وقت پنهنجن ڪمرن ۾ گذاريو ۽ پاڪستاني رانديگرن نيٽ پريڪٽس به نه ڪئي.
سومر واري ڏينهن اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ چيو ته ڀارت خلاف ميچ ۾ اسان جي بيٽرز جي شاٽ سليڪشن ٺيڪ نه هئي.
هن چيو ته هن وقت ٽيم ۾ هر ڪنهن جو مورال ڊائون آهي، جنهن جي بحالي جي ضرورت آهي، اسان هاڻي به واپسي ڪري سگهون ٿا، جيستائين ٽورنامينٽ ختم نٿي ٿئي همت نه هارينداسين.
ڊيلس ۾ آمريڪا خلاف سپر اوور ۾ شڪست کانپوءِ نيويارڪ پهچي رانديگر گهمڻ ڦرڻ ۽ ماني کائڻ لاءِ هوٽل کان ٻاهر نڪتا هئا پر ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ قومي ٽيم کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو جنهن کانپوءِ ڪيمپ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.