پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ناڪاري ڏينهن،100 انڊيڪس ۾ گهٽتائي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو ناڪاري ڏينهن رهيو، جتي 100 انڊيڪس ۾ 663 پوائنٽس جي گهٽائي ڏٺي وئي.
اڄ ڪاروباري ڏينهن جي آخر ۾ 100 انڊيڪس 72 هزار 589 پوائنٽس تي بند ٿيو، جڏهن ته ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس هڪ هزار 390 پوائنٽن تي بينڊ ۾ رهيو.
اڄ بازار ۾ سوا 37 ڪروڙ شيئرز جا سودا 11.65 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 99 ارب رپيا گهٽ ٿي 9 هزار 754 رپيا ٿي.
ٻئي پاسي ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس هڪ هزار 606 پوائنٽن جي گهٽتائي بعد هڪ لک 19 هزار 399 پوائنٽن تي بند ٿيو.
Pakistan StockExchange Karachi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.