سيڪورٽي گارڊ پنهنجي ئي ڪمپني جي مالڪ کي قتل ڪري ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي غالب مارڪيٽ ۾ سيڪورٽي گارڊ پنهنجي ئي نجي سيڪورٽي ڪمپني جي مالڪ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب جوابدار شروعاتي بيان ۾ ٻڌايو آهي ته مالڪ ملازمن تي سختي ڪندو هو، انڪري کيس قتل ڪيو ويو.

پوليس موجب بجي سيڪورٽي ڪمپني جو مالڪ غلام رسول گاڏي ۾ سوار ٿي پنهنجي آفيس جي پارڪنگ ۾ پهتو، هو ڪار جي ڊگي مان سامان ڪڍي رهيو هو ته سيڪورٽي گارڊ مدني جليل ان مٿان فائرنگ ڪري ڏني.

واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي ويا، فوٽيج ۾ جوابدار کي مالڪ مٿان فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جوابدار مالڪ جي ويجهو اچي کيس مٿي ۾ گولي هڻي ڇڏي ٿو.

واقعي بعد ۾ مارڪيٽ جا ماڻهو جمع ٿي ويا، جن جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته ان کان پهريان ڪراچي ۾ ٻن واقعن ۾ سيڪورٽي گارڊ يوٽيوبر ۽ ڪچرو کڻندڙ ٻار کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.

Lahore pakistan securityguard

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.