بابر جو پراڻو ساٿي ۽ ڪينيڊين فاسٽ بالر سندس وڪيٽون اُڏائڻ لاءِ تيار

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان لاءِ ماضيءَ ۾ انڊر 19 کيڏندڙ ڪينيڊين بالر ڪليم ثناءَ پنهنجي پراڻي ساٿي بابر اعظم جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ وڪيٽ وٺڻ لاءِ پرُ اميد آهي.
پاڪستان ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ٻن شڪستن کانپوءِ اڄ ڪئناڊا خلاف ميدان تي لهندي.
ميچ کان اڳ ڪينيڊين ٽيم جي فاسٽ بالر ڪليم ثناءَ پنهنجي بيان ۾ چيو ته 2009 ۾ پاڪستان انڊر 19 ٽيم سليڪٽ ٿيو، 2010 ۾ انڊر 19 ورلڊ ڪپ لاءِ چونڊ ٿي.
هن چيو ته بابر اعظم سان انڊر 16 کان وٺي اٺ ورهين تائين گڏ ڪرڪيٽ کيڏي، پاڪستان ۾ پنهنجي آخري فرسٽ ڪلاس ميچ ۾ به بابر مخالف ٽيم ۾ هو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ جنم ورتو، پر هاڻ ڪئناڊا جو پليئر آهيان، عالمي ڪپ جي ميچ لاءِ پر جوش آهيان، منهنجو خاندان ۽ دوستَ جيڪي پاڪستان ۾ آهن، اِهي مون کي سپورٽ ضرور ڪندا پر سندن خواهش هوندي ته پاڪستان کٽي.
ڪينيڊين فاسٽ بالر چيو ته اسان عالمي ڪپ لاءِ گهڻي محنت ڪئي آهي، ڪئناڊا جي ٽيم جو مورال هن وقت گهڻو بلند آهي، پاڪستان ٻه ميچون هارائڻ کانپوءِ دٻاءُ ۾ هوندو، اسان پاڪستان کي هارائڻ لاءِ پورو پلان تيار ڪري رهيا آهيون.
ان کانسواءِ هن چيو ته پاڪستان جي علائقائي ڪرڪيٽ تي ڳالهائڻ جو حق نٿو رکان پر سمجهان ٿو ته ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگر کي موقعو ملڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته انڊر 19 واري دور ۾ منهنجي به خواهش هئي ته پاڪستان جي نمائندگي ڪيان، جڏهن پاڪستان انڊر 19 ۾ سليڪشن ٿي ته ڏاڍي خوشي ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.