اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان ڳالهين ۽ ساڻس جيڪو ڪجهه ٿيو اِهو معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اڄ وڪيلن جي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ٿي جنهن ۾ عمران خان چيو ته هن جو پٽن سان رابطو نه پيو ڪرايو وڃي.
بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني ڪيئي دفعا چئي چڪو آهي ساڻس جيڪو ڪجهه ٿيو معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهي، ڳالهين جا رستا کوليا وڃن، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي ڳالهين لاءِ تيار آهيون.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته پشتونخوا ملي عوامي پارٽي محمود خان اچڪزئي سان مشاورت ڪري ڳالهين جي شروعات ڪنداسين، ڳالهيون ڪرڻ پي ٽي آءِ جو پنهنجو فيصلو آهي پر محمود خان اچڪزئي ۽ ٻين پارٽين سان اتحاد آهي کين اعتماد ۾ ورتو ويندو، ڳالهيون الائنس جي سطح تي به ٿينديون، پي ٽي آءِ پاڻ به شروعات ڪري سگهي ٿي.
بئريسٽر گوهر علي خان چيو ته ڳالهين کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي اسان ڳالهين کان ڪڏهن به انڪار ناهي ڪيو، برف پگهري رهي آهي اسان چاهيون ٿا ته حالتون بهتر ٿي وڃن، اسان جي ڳالهين جي آڇ کي ڪنهن معاهدي سان تعبير نه ڪيو وڃي.
هڪ سوال جي جواب ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين چوڻ هو ته پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ کي ڳالهين لاءِ ڪو خط ناهي لکيو، سپريم ڪورٽ جي ڳالهين واري آپشن جو جواب به پي ٽي آءِ ڏيندي.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ جو واضح موقف آهي ته عمران خان چيو آهي ته ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان کانسواءِ هر ڪنهن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻن جو موقف آهي ته حڪومت بدران اصل اقتدار جن وٽ آهي انهن سان ڳالهيون ڪنداسين.
هوڏانهن وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءَ الله هڪ بيان ۾ چيو ته اسان تحريڪ انصاف سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر ان لاءِ عمران خان کي پنهنجو وات بند ڪرڻو پوندو.
You might also like