اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نئين اليڪشن ٽريبونل کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تائين نئين اليڪشن ٽريبونل کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو.
اليڪشن ايڪٽ ترميمي آرڊيننس خلاف درخواستن تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس عامر فاروق ڪئي، ڪيس ۾ درخواستگذار ۽ اليڪشن ڪميشن جا وڪيل پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عامر فاروق اليڪشن ڪميشن جي وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اليڪشن ٽريبونل تبديل ڪرڻ جو ڪميشن جو فيصلو برقرار نٿو رهي سگهي.
چيف جسٽس عامر فاروق استفسار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ڪنهن گرائونڊ ذريعي ٽريبونل تبديل ڪيو؟ جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ٽريبونل پروسيجر فالو نه ڪيو هو، جنهن تي کيس تبديل ڪيو ويو.
چيف جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏنا ته ٽرانسفر جا نوان مثال قائم ڪري رهيا آهيو؟ جيڪڏهن حسد آهي ته اهو ٻڌايو، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جو فيصلو صحيح ناهي ته اوهان حسد ثابت ڪيو يا پوءِ توهين عدالت ڪارروائي کي منهن ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.