اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ وفاق ۽ صوبن جي ترقياتي بجيٽ ۾ هڪ هزار ارب رپين جي واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
موجودا مالي سال جو اقتصادي سروي اڄ پيش ڪيو ويندو، ان حوالي سان جاري ڪيل پڌرائي موجب ايندڙ مالي سال معاشي هدف 3 ڏهائي 6 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي، زرعي شعبي جي ترقي جو هدف ٻه سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته صنعتي شعبي جي ترقي جو هدف چار ڏهائي چار سيڪڙو ۽ وڏي صنعتن جو هدف 3 ڏهائي پنج سيڪڙو رکيو ويو آهي.
پڌرائي موجب، خدمتن جو شعبي جي ترقي جو هدف 4.1 سيڪڙو ۽ جي ڊي پي ۾ مجموعي سيڙپڪاري جو هدف 14 ڏهائي 2 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي.
بجيٽ دستاويز موجب، نئين مالي سال لاءِ وفاق ۽ صوبا گڏجي ترقياتي رٿائن تي 3792 ارب رپيا خرچ ڪندا جيڪو هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ 1012 ارب رپيا وڌيڪ آهي، وفاقي پي ايس ڊي پي 550 ارب واڌ سان 1500 ارب رپيا جڏهن ته چئني صوبن جو ساليانو ترقياتي پلان 462 ارب رپيا واڌ سان 2095 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.
دستاويز موجب، سنڌ ترقياتي رٿائن تي سڀ کان وڌيڪ 764 ارب رپيا خرچ ڪندو، پنجاب 7 سئو ارب رپيا، خيبرپختونخوا 351 ارب جڏهن ته بلوچستان 281 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ مختص ڪئي آهي.
You might also like