سنڌ حڪومت قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ وارن لاءِ ظابطا جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) عيد الاضحيٰ جي ويجهو ايندي ئي سنڌ حڪومت صوبي ۾ قرباني جون کلون جمع ڪرڻ جي حوالي سان ظابطا جاري ڪري ڇڏيا آهن.
صوبائي گهرو کاتي موجب، رڳو رجسٽرڊ پارٽيون ۽ ادارا ئي قرباني جون کلون جمع ڪري سگهندا.
گهرو کاتي ڪيمپ يا بينرز لڳائڻ، گاڏين تي پارٽي جهنڊو يا لائوڊ اسپيڪر ذريعي کلون جمع ڪرڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.
صوبائي حڪومت موجب، کلون جمع ڪرڻ لاءِ ڊپٽي ڪشمنر کان اجازت وٺڻي پوندي ۽ ضابطن تي سختي سان عملدرآمد ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.