وفاقي سرڪار عيد جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت عيدالاضحيٰ تي عام موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪابينا ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، وزيراعظم شهباز شريف عيدالاضحيٰ جي موڪلن واري سمري جي منظوري ڏني آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، عيد جي پهرئين ڏينهن سومر 17 جون کان اڱارو 19 جون تائين موڪل هوندي.
ياد رهي ته ست جون تي مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا عبدالخبير آزاد اعلان ڪيو هو ته ملڪ ۾ پهرين ذوالحج اٺ جون ۽ ڏهه ذوالحج يعني عيد الاضحيٰ 17 جون سومر جي ڏهاڙي ٿيندي.

Eid holidays Eid-ul-Azha

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.