بجيٽ ۾ کنڊ،گيهه،پتي ۽ ميڪ اپ جو سامان مهانگو ٿيڻ جا امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سيلز ٽئڪس ۾ واڌ متوقع آهي، کنڊ، چانهه پتي، ۽ ميڪ اپ جو سامان مهانگو ٿيڻ جا امڪان آهن.
وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايندڙ مالي سان جي بجيٽ ۾ مختلف پهلون تي غور ڪيو ويو، ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي بجيٽ سڀاڻي پيش ڪيو ويندو.
ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سيلز ٽئڪس جي شرح امڪاني واڌ جي صورت ۾ کنڊ،گيهه، چانهه پتي،نوڊلز، جام جيلي ۽ ميڪ اپ جو سامان مهانگو ٿيڻ جا امڪان آهن.
ذريعن موجب چيني تي سيلز ٽئڪس 18 سيڪڙو کان وڌائي 19 سيڪڙو ٿيڻ سان کنڊ جي في ڪلو 5 رپيا واڌ ٿي سگهي ٿي.
ان کان علاوه گيهه 5 کان 7 رپيا، صابڻ 2 کان 5 رپيا ۽ شيمپو 15 کان 20 رپيا مهانگو ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.