محسن نقوي جي ٽيم ۾ تبديلين واري بيان تي راشد لطيف جو ردعمل سامهون اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف چيو آهي ته جيڪا غلطي ذڪاءَ اشرف ڪئي هئي اِها ئي غلطي موجودا پي سي بي چيئرمين محسن نقوي به ڪئي.
راشد لطيف چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ آمريڪا ۽ ڀارت هٿان شڪستن بعد پي سي بي چيئرمين طرفان ٽيم ۾ سرجري واري بيان تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اڃا پاڪستاني ٽيم ٽورنامينٽ مان ٻاهر ناهي ۽ پي سي بي چيئرمين ٽيم ۾ وڏي پئماني تي تبديلين جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پي سي بي چيئرمين جي ان بيان سان ٽيم ڇا سوچيندي هوندي ته اسان جي چيئرمين ئي هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا آهن.
هن چيو ته ذڪاءَ اشرف به وقت کان اڳ مشاورت شروع ڪري ڇڏي هئي جنهن سبب ٽيم کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو نقصان ٿيو، جنهن جي سزا اڃا تائين ڀوڳي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.